بادام ناتوان

بادام ناتوان

بادام ناتوان

بادام ناتوان: سنڌي زبان جي نامور ليکڪا ”بادام ناتوان“ جو جنم 1930ع ڌاري شڪارپور ۾ ٿيو. هن ننڍڙي عمر ۾ ئي لکڻ شروع ڪيو. بادام ناتوان جو هڪ انٽرويو گهڻو وقت اڳ ماهوار ”اديون“ ۾ شايع ٿيو هو، جنهن ۾ هن پنهنجي نالي جي باري ۾ چيو هو ته: ”نالو بادام اٿم، جنهن لاءِ اڪثر آدمي پڇندا آهن ته هيءُ نالو ڇو؟ حقيقت هن طرح آهي ته شڪارپور ۾ ڪوئيٽا جا پٺاڻ سرد موسم ۾ ايندا هئا، جن جون نياڻيون تعليم وٺڻ اينديون هيون، انهن پٺاڻين جا اهي نالا هوندا هئا ۽ امان اسڪول جي هيڊمسٽريس هوندي هئي ۽ انهن مان هڪ نالو يعني ”بادام“ مون لاءِ منتخب ڪيائين.“ بادام ناتوان جي تعليم مئٽرڪ (بمبئي يونيورسٽي) هئي، پر سندس مطالعو وسيع هو. هن پنهنجو تخلص ”ناتوان“ ان ڪري رکيو، جو سندس چوڻ مطابق عورت ذات’ناتوان‘ يعني ڪمزور آهي. هوءَ ”بادام ناتوان“ جي ادبي نالي سان ادبي حلقي ۾ مشهور ٿي. بادام ناتوان جي پهرينءَ تصنيف جو نالو ”شڪسته زندگي“ آهي. اهو ڪتاب ٻن ڀاڱن ۾ آهي ۽ ڪتاب جو هرهڪ ڀاڱو اڍائي سؤ صفحن تي مشتمل آهي. سندس ٻي تصنيف آهي ”خوش خصلت خاتون“. هن پهريون ڪتاب ڪراچيءَ مان ڇپرايو هو ۽ سندس ٻيو ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيو هو، جنهن جون ٻه سئو ڪاپيون ۽ انعام به ان وقت جي بورڊ جي سيڪريٽري محمد ابراهيم جويي ڏانهس موڪليو هو. بادام جي ٽين تصنيف ”قلبي اُڃ“ آهي، جيڪا شڪارپور مان شايع ٿي، جنهن تي برک دانشور ۽ اسڪالر علامه آءِ. آءِ. قاضي مرحوم تبصرو ڪيو هو. ان کان علاوه سندس تصنيفن ۾ ”نماڻي نار“، ”خلوت ۾“ ۽ ”رنم رت ڦڙا“ قابل ذڪر آهن. مرحومه پنهنجي ڀيڻ روشن آرا مغل جي وفات تي سندس سڪ ۾ هڪ رسالو ”تنهنجي ياد ۾“ پڻ ڇپايو هو. بادام ناتوان، سنڌي ادب جي پهرين عورت هئي، جنهن مضمون کي فڪشن جو روپ ڏنو. بادام ناتوان کي سنڌي ٻوليءَ سان گڏوگڏ، اردو، فارسي ۽ انگريزي زبانن جي پڻ خاصي ڄاڻ هئي. هن 8 فيبروري 1988ع تي پنهنجي اباڻي شهر شڪارپور ۾ وفات ڪئي.


لفظ بادام ناتوانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1930.00.00  عيسوي

سنڌي زبان جي نامور ليکڪا ” بادام ناتوان “ جو جنم 1930ع ڌاري شڪارپور ۾ ٿيو . هن ننڍڙي عمر ۾ ئي لکڻ شروع ڪيو


1988.02.08  عيسوي

سنڌي زبان جي نامور ليکڪا ” بادام ناتوان “ 8 فيبروري 1988ع تي پنهنجي اباڻي شهر شڪارپور ۾ وفات ڪئي .



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڄيٺانند ڀاونداس لعلواڻي
عبدالجبار عاجز منگي
شيخ محمد اسماعيل
بادل جمالي
غلام قادر سومرو
پرويز علي محمد
خالد ٽالپر
رزاق سهتو
حيدر سنڌي ڊاڪٽر
گنو سامتاڻي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون